ٽالپر مير عباس علي خان

ٽالپر مير عباس علي خان

مير عباس علي خان ٽالپر

مير عباس علي خان ٽالپر : مير عباس علي خان مير نصير خان ٽالپر جو پٽ هو . والد جي اوچتي وفات ، سنڌ مان اقتدار ختم ٿي وڃڻ ، پنهنجي عزيزن کان هزارين ميل پري رهڻ ، اهي سڀئي ڏک هڪ ئي وقت اچي گڏ ٿيا . جيئن ته مير صاحب شاعر ابن شاعر هو . سندس تخلص ” مومن “ هو . سندس ديوان يادگار شاهڪار هو . افسوس مير صاحب جو ديوان ، مير سانگيءَ جي وفات کان پوءِ ضايع ٿي ويو. مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ سنڌ جي ٽالپرن کي گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ نظربنديءَ واري عالم ۾ گهڻي ڀاڱي ٽالپر وفات ڪري ويا. مير نصير خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزندن مير محمد حسن علي خان ٽالپر ۽ خان ٽالپر '>مير عباس علي خان ٽالپر نئين ماحول سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي. مير عباس علي خان چار سالن کان پوءِ 1849ع ۾ ڪلڪتي ۾ هڪ انگريز عورت سان شادي ڪئي، جنهن بعد سندس زندگيءَ ۾ خوشيون موٽي آيون. انهيءَ انگريز عورت مان 1851ع ۾ مير عباس کي مير عبدالحسين خان سانگي پيدا ٿيو. مير سانگي جي ولادت جي ڇهن ڏينهن کان پوءِ سندس والده وفات ڪئي ۽ سندس والد مير عباس علي خان ٽالپر ڪلڪتي ۾ 28 سالن جي عمر ۾ تاريخ 8 رجب 1273هه/ 1856ع ۾ وفات ڪئي. مير صاحب جو موت اچانڪ بندوق جي گولي لڳڻ جي ڪري ٿيو. هڪ ٻي روايت مطابق سندس موت شينهن جي شڪار ڪرڻ وقت زخمي ٿي وڃڻ سبب ٿيو.


لفظ مير عباس علي خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو